اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف (سڀاڻي) 23 مئي 2024ع تي گڏيل عرب ام??رات جو دورو ڪندو. اهو وزيراعظم جو چونڊجڻ کانپوءِ گڏيل عرب ام??رات جو پهريون دورو هوندو. وزيراعظم سان گڏ ڪابينا جي اهم وزيرن تي ٻڌل هڪ اعليٰ س??حي وفد پڻ هوندو. پرڏيهي آ??يس موجب ان دوري دوران وزيراعظم جي گڏيل عرب ام??رات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زايد س??ن ملاقات متوقع آهي. ٻئي اڳواڻ واپار ۽ سيڙپڪاري تي خصوصي ڌيان سان گڏ پاڪستان ۽ گڏيل عرب ام??رات جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم شهباز شريف جي ٻين ام??راتي شخصيتن، ڪاروباري شخصيتن ۽ مالياتي ادارن جي سربراهن سان پڻ ملاقاتن جو امڪان آهي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب ام??رات جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جون پاڙون مذهبي ثقافتي وابستگي سان ڳنڍيل آهن. مسلسل اعليٰ س??حي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي هڪ وڏي خاصيت آهي. وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب ام??رات جي وچ ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي.