اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته پاڪستان امن ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان اهڙي مستقبل جي تعمير جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريو?? ٿا جتي امن هجي ۽ انسانيت وڌ?? ويجهي. گڏيل قو??ن تحت امن قائم ڪرڻ جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سماجي رابطن ج?? ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان اڄ عالمي برادري سان گڏجي گڏيل قو??ن جي امن دستن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪري رهيو آهي. امن دستن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙن جا خصوصي طور تي ٿورن جو اظهار ڪري ٿو جن دنيا ۾ امن برقرار رکڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان جي بهادر عورتن سميت 2 لک 30 هزار فوجي اهلڪارن گڏيل قو??ن جي امن مشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي 64 سالن ۾ قو?? جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو آهي ۽ انهن ۾ اسان جا 181 شهيد پڻ شامل آهن جن عالمي امن جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، اسان انهن کي به خراج عقيدت پيش ڪريو?? ٿا. انهن جي بي لوث جرئت ۽ قرباني سدائين اسان جي دلين تي نقش رهندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان امن ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ اڄ اسان هڪ اهڙي مستقبل جي تعمير جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريو?? ٿا جت امن ۽ انسانيت وڌ?? ويجهي.