اسلام آباد-04 جون (اي پي پي)رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته اسان جو ڌيان بزنس ٽو بزنس رابطن کي وڌائ?? تي آهي. چين ڏانهن روانگي کان ??ڳ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته 5 جون تي منعقد ٿيندڙ بزنس ٽو بزنس فورم ۾ پاڪست??ن ۽ چين جون ڪمپنيون وڏي انگ ۾ شرڪت ڪنديون. احسن اقبال چيو ته سي پيڪ جي ٻي مرحلي ۾ اسان جو سڄو ڌيا بزنس ٽو بزنس رابطن کي وڌائ?? تي آهي. پاڪستاني واپاري برادري ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪاروباري سهڪار وڌائڻ جي ڪوششن تي حڪومت جا ٿورا مڃيا آهن. احسن اقبال چيو ته پاڪستاني واپارين کي وڌ کان وڌ پيداواري ڪارڪردگي حاصل ڪرڻ ??اء?? چين جي واپارين کان ڪاروبار ڪرڻ جا گر سکڻ گهرجن. پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪندڙ ملڪن جي درپيش چئلينجز کان چڱيءَ ريت واقف آهيون ان ??اء?? کين معاشي بحالي ??اء?? حڪومتي ڪوششن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. احسن اقبال چيو ته پاڪستاني واپارين کي گهرجي ته اهي واپار ۽ ڪاروبار کي وڌائڻ ??اء?? سي پيڪ فيز 2 جي موقعن مان ڀرپور فائدو وٺن. پاڪست??ن ۽ چين وچ ۾ واپار رڳو شين ۽ خدمتن تائين محدود ناهي. حڪومت ان جو دائرو علم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تحقيق، جدت، سپ??اء??چين ۾ بهتري آڻڻ ۽ زرعي شعبي ۾ سهڪار جي صورت ۾ ترقي ڏيارڻ چاهي ٿي.