اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) پا??ستان ??زه جي ميڊيڪل جي شاگردن کي پا??ستان ۾ ميڊيڪل جي تعليم مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو في??لو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي هدايت تي پا??ستان ميڊيڪل ڪاليج اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) ڪيو آهي، ان سان غزه ج?? شاگرد پا??ستان ۾ انساني هم??رديءَ جي بنياد تي پنهنجي طبي تعليم جاري رکي سگهندا. هن چيو ته ??زه سان تعلق رکندڙ فلسطيني شاگرد 20 کان 30 جي بئچن ۾ جلد ئي پا??ستان جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ شامل ٿيندا. ترجمان چيو ته ان فيصلي سان غزه ج?? شاگرد پا??ستان ۾ ڪارڊيالوجي، آرٿوپيڊڪس، آنڪولوجي، پيڊياٽرڪس ۽ سرجري جي شعبن ۾ پنهنجي طبي تعليم مڪمل ڪري سگهندا ته جيئن ??زه جي صحت جي سارسنڀال جي نظام ۾ اهم ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي.