اسلام آباد -16 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ دهش??گر??ن جي بنون ڪينٽ تي بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته دهش??گر??ن جي ??اپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادرن کي سلام پيش ڪيون ٿا، شهيدن تي پوري قوم کي فخر آهي ۽ اسان سڀئي شهيدن جي ڪٽنبن سان گڏ آهيون، شهيدن جي عظيم قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو. گهرو وزارت پاران جاري بيان ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي دهش??گر??ن جو حم??و ناڪام بڻائيندڙ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ شهيد ٿيل سيڪيورٽي فورسز جي 8 جوانن کي خراج عقيدت به پيش ڪيو. هن شهيدن جي ??ارثن سان دلي همدردي جو اظهار ۽ تعزيت پڻ ڪئي. محسن نقوي چيو ته قوم جي بهادر جوانن پنهنجون حياتيون ڏئي دهش??گر??ن جي ??ڏي منصوبي کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ سمورن 10 ئي دهش??گر??ن کي دوزخ حوالي ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي فورسز جي بهادر سپوتن دهش??گر??ي جي سازش کي ناڪام بڻايو. گهرو وزير چيو ته دشمن پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي گندي سازش ڪري رهيو آهي، اتحاد ۽ اتفاق جي طاقت سان دهش??گر??ي جي ??اسور کي ختم ڪنداسين. هن زخمي اهلڪارن جي جلد صحت يابي لاءِ دعا به ڪئي.