اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد سان بئنڪ الفلاح جي صدر/سي اي او عاطف باجوه ۽ ڊجيٽل بئنڪنگ گروپ جي هيڊ يحييٰ خان بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حقدار عورتن کي رقم جي ورڇ ۾ شفافيت ۽ انهن جي عزت نفس کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ڳالهين دوران سينيٽر روبينه خالد بئنڪ جي نمائندن تي زور ڀريو ته اهي بي آءِ ايس پي جي حقدار عورتن کي ڪلائنٽس طور ترجيح ڏين ۽ پنهنجي وظيفي جي رق?? مان ڪٽوتين کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻن. ٻئي طرف بي آءِ ايس پي مان فائدو حاصل ڪندڙن لاءِ فني ۽ هنر جي تربيت جي حوالي س??ن پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. عاطف باجوه بي آءِ ايس پي مان فائدو کڻندڙن لاءِ پ??ئي??ٽ مرحلي طور هنر جي تربيت جو منصوبو شروع ڪرڻ تي راضپي جو اظهار ڪيو. انهن گڏيل منصوبن کي بي آءِ ايس پي ۽ بئنڪ الفلاح ٻنهي جي فني ٽيمن جي مشاورت سان عمل ۾ آندو ??ين??و ته جيئن مثبت نتيجا حاصل ٿي سگهن.