لنڊن- 31 جنوري (اي پ?? پي) برطانيه ۾ ذهني صحت جي مريضن جي هڪ وڏي تعداد الزام لڳايو آهي ته انهن جي علاج دوران نيشنل هيلٿ سروس جي عملي انهن کي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، قومي اسڪينڊل جي حيثيت رکندڙ ان بيان ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي. گڏيل جاچ ڪميٽي ذريعي اها ڳالهه سامهون ائي آهي ته ذهني صحت جي 30 کان وڌيڪ ادارن ۾ 2019ع کان وٺي هن وقت تائين ملازمن طرفان مري??ن کي جنسي حملن جو نشانو بڻائڻ جون اٽڪل 20 هزار شڪايتون مليون آهن، جاچ مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته اين ايڇ ايس ٽرسٽ اڪثر واقعن کي پ??ليس وٽ رپورٽ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ برطانيه ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور مري??ن کي جنسي ڏاڍائي کان بچائڻ لاءِ جوڙيل اهم معيارن تي پ??رو نه لٿو آهي. 18 مهينن جي تحقيقات ۾ مريضن ۽ انهن جي ڪٽنبن ذهني صحت جي مريضن لاءِ مخصوص ڪيل يونٽن ۾ رهندڙ مريضن پاڻ سان ٿيل جنسي ڏاڍاين جا واقعا ٻڌايا.صحت کاتي جي ترجمان چيو آهي ته جنسي تشدد ناقابل قبول آهي ۽ اين ايڇ ايس تنظيمن جي ذميواري آهي ته هو عملي ۽ مري??ن کي هڪجهڙو تحفظ فراهم ڪن. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ اين ايڇ ايس سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، ته ذهني صحت جي ادارن ۾ علاج ڪرائيندڙن مري??ن کي محفوظ ۽ اعليٰ معيار جي سارسنڀ??ل فراهم ڪري سگهجي.