ڪراچي – 13 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي ڪراچي ۾ پاڪستان جي سڀ کان په??ين انٽريڪٽو سائنس سينٽر جو افتتاح ڪيو. ان موق??ي تي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو ته دنيا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ تعليم سان گڏوگڏ شاگردن کي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ فزڪس جا عملي ورڪشاپس پڻ مهيا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر چيو ته اسان پنهنجي تڪ جي اسڪولن ۾ سائنسي ميلو منعقد ڪيو ۽ جنهن شوق سان شاگردن ميلي ۾ شرڪت ڪئي اهو ڏسڻ وٽان هو. هن چيو ته اسان کي جديد سائنسي علم ۽ رياضي ۾ شاگردن کي سهولتون ڏيڻيون پونديون ته جيئن اسان جي نئين نسل جديد دور جي گهرجن سان هڪ جهڙائي رکي سگهي. تقريب کي ميگنيفي سائنس سينٽر جي چيئرمين حسين دائود پڻ خطاب ڪيو. ان موق??ي تي صدر پاران حوصلا افزائي تي سندس ٿورا به مڃيا. بعد ۾ ڊاڪٽر عارف ??لوي سائنس سينٽر جو دورو ڪيو ۽ تجربيگاهن جو پڻ معائنو ڪيو.