اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميرات?? صنعت کي کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪرونا سان گڏوگڏ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي بک، غربت ۽ بيروزگاري کان بچائڻ انتهائي ضروري آهي، حڪومت ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، صنعتي شعب?? جي ترقي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، واپار ۽ صنعت واري وزارت کي ڪاروبار بابت حڪمت ع??لي جوڙڻ جي لاءِ واپاري نمائندن سان روزان?? جي بنياد تي مشاورت جي هدايت ڪئي آهي، ڪرونا وائرس سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي بيروزگار ٿيندڙ هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي احساس پروگرام تحت 12 هزار رپيا ڏنا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن واپارين ۾ ٽيڪس ريفن?? جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.