اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ملڪ ۾ سڄو سال ڪڻڪ ۽ اٽ?? جي مناسب قيمتن تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي ڏس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت کي ڪڻڪ جي درآمد جي لا??ِ ڪوششون تيز ڪرڻ ۽ وڏن درآمد ڪندڙن سان جلد اجلاس منعقد ڪرائڻ جي هدايت ??ئي آهي، اي سي سي ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي آفشور پاڪستاني رپيو لنڪڊ بانڊز عالمي سيڙپڪارن کي جاري ڪرڻ ۽ گئس فيلڊز جي ڀرپاسي 5 ڪلوميٽر جي علائقن کي گئس جي فراهم?? جي ڏس ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلن تي عملدرآمد تحت ناڻي واري وزارت کي سوئي سدرن جي لا??ِ هڪ ار?? رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعطم آفيس ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. ملڪ ۾ سڄو سال ڪڻڪ ۽ اٽ?? جي مناسب قيمتن تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي ڏس ۾ رابطا ڪميٽي قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت کي ڪڻڪ جي درآمد جي لا??ِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ??ئي. اي سي سي وزارت کي ڪڻڪ جي وڏن درآمد ڪندڙن سان جلد اجلاس منعقد ڪرائڻ ۽ درآمدي ڪڻڪ جي امڪاني قيمت ۽ مقامي مارڪيٽ ۾ قيمت مستحڪم رکڻ جي لا??ِ زرتلاف?? جي ضرورت بابت تجويزون اي سي سي کي جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي.