اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مالديپ جي صدر ابراهيم محمد صالح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي ڪري در??يش مسئلن تي تفصيلي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان مالديو پاران ڪوورنا وائرس جي وبا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ معيشت سميت سياحت جي شعبي جي بحالي ??ي لاءِ ڪيل ڪو??شن کي ساراهيو. وزيراعظم عمران خان مالديپ جي صدر کي پاڪستان ۾ تازي صورتحال بابت بريف ڪيو ۽ ڪوويڊ 19 تي ضابطو آڻڻ جي حوالي ??ان پاڪستان حڪومت جي ڪو??شن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ حڪومت انساني جانين جي تحفظ، ڪاروبار ۽ آمدني جي ذريعن کي محفوظ بڻائڻ ۽ معيشت جي بحالي ??ي خاص ڌيان ڏنو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي ڪامياب رهي آهي ۽ معيشت جا وڏا شعبا ترتيبوار کوليا پيا وڃن. وزيراعظم عمران خان گلوبل ان??شي??يو آن ڊيٽ رليف جي حوالي ??ان مالديپ جي صدر کي آگاهه ڪيو جيڪو اسرندڙ ملڪن ۾ ڪو??ونا وبا جي سخت سماجي ۽ معاشي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرندڙ ملڪن جي مالياتي وسيلن ۽ صحت جي شعبي ۾ بنيادي ڍانچي جي سهولت ۾ گهٽتائي جي ڪري ڪو??ونا وبا کان خاص طور تي وڌيڪ متاثر ٿيا آهن ان لاءِ اسرندڙ ملڪن ۾ خاص قدمن جي ضرورت آهي.