اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه ??لوي چيو آهي ته حضور اڪر?? ﷺ جي شان مبارڪ ۾ گستاخي ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ن?? آهي، سمورا اسلامي ملڪ هڪ گڏيل لائحه عمل تحت گڏيل مطالبا عالمي فورمز تي رکن ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا دل ڏکوئيندڙ واقعن جو تدارڪ ڪري سگهجي، اسان کي قومي جي حيثيت ۾ پنهنجي ڌيئرن ۽ ڀينرن جي وراثتي حقن جي تحفظ ۽ جائيداد ۾ کين حصو ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن عشق رسول ﷺ جي مناسبت سان عظمت مصطفيٰ ڪانفرنس کي خطاب ??ند?? ڪيو.