اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گلگت بلتستان اليڪشن بابت جيڪڏهن ڪنهن کي شڪايت آهي ته اليڪشن ڪميشن سان رجوع ڪري، اهڙي طرح اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ جون ڳالهيون ٻا??اڻ?? سوچ آهي، بلاول ڀٽو کي جيڪڏهن سياس?? ڪرڻي آهي ته پنهنجي عمل ۾ سياست ۾ پختي آڻڻي پوندي، پي ٽي آءِ پهرين حڪومت جنهن ۾ خانداني سياست نه آهي، مخالف ڌر ماضي جي ڪرپشن تي پردو وجهڻ لاءِ وڙهي رهي آهي، ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي کوٽ نه آهي، ذخيرو حدف مو??ب آهي، هو ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته معاشي اشارا مثبت رخ ۾ وڃي رهيا آهن، اسٽاڪ ايڪسچينج غير ملڪي سيڙپڪاري لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ سميت هر شعبي ۾ بهتري ا??ي رهي آهي، وزيراعظم جو هدف آهي ته روزگار جا موقعا پيدا ٿين، ملڪ ۾ خوشحالي ا??ي ۽ حالتون بهتري طرف گامزن ٿين، هن چيو ته ڪووڊ -19 جي ٻي لهر اچي چڪي آهي، ان ۾ اسان کي بهتر احتياط ڪرڻو پوندو، هن چيو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ نه آهي، ذخيرو هدف مو??ب آهي، ڪٿي به کوٽ جي شڪايت نه آهي، 42 لک ٽن ڪڻڪ مو??ود آهي، 19 لک ٽن ڪڻڪ رستي ۾ آهي.