اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشم??ري?? جا حق غصب ڪرڻ جي ناپاڪ ارادن کان ڇوٽڪارو ڏياري، وزيراعظم عمران خان جي جرئتمند??ڻي قيادت ۾ پاڪستان ڀارتي ظلمن، بربريت، والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت جي ت??ديلي، ڊگهي لاڪ ڊائون ۽ انسانيت لڄائيندڙ سلوڪ کي عالمي اڳواڻن، عالمي ادارن، گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سميت عالمي فورمز تي بي نقاب ڪيو آهي، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي خودمختياري واري جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، هر گذرندڙ ڏينهن معصوم، بي هٿيار ڪشم??ري?? جي لاءِ اسان جي حمايت کي وڌيڪ سگهه ملندي. هو پرڏيهي آفيس ۾ ” يوم يڪجهتي ڪشمير تصويري نمائش“ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، آزاد ڪشمير جو صدر سردار مسعود خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، غير ملڪي سفارتڪارن جو وڏو تعداد تقريب ۾ شريڪ هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو ته غير قانوني ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ زندگي جي ٻين رخن سان گڏوگڏ سموري ثقافتي ۽ قدرتي خوبصورتي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت پاران تصويري نمائش منعقد ڪرڻ بهترين قدم آهي، هن چيو ته ڪشمير زمين تي جنت جي نظير آهي پر مظلوم ۽ بي هٿيار ڪشم??ري?? تي ڀارتي حڪومت ۽ فوج ظالم??ڻي ۽ غير انساني سلوڪ جي انتها ڪري ڇڏي آهي.