پشاور – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر جي لُٽ مار ??ي ڪري پاڪستان قرضي ٿيو، ماضي جي حڪمرانن جي شاهه خرچين سان خرچ وڌيا، وزيراعظم پنهنجي گهر ۾ رهندو آهي ڪا ڪيمپ آفيس نه آهي، تحريڪ انصاف جو شروع کان موقف رهيو آهي ته چونڊون اوپن بيلٽ جي ذريعي ٿيڻ گهرجن. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته سڄي ملڪ ۾ ??حت جي نظام ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون. ??حت ڪارڊ بنا ڪنهن فرق هر خاندان کي ڏنو پيو وڃي، پر سنڌ ۾ ??حت جو نظام گهڻو خ??اب آهي. هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ 8 سالن کان اسان جي حڪومت آهي، صوبي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت هر شعبي ۾ ڪم ڪيو.