اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي بئنڪ پاران احساس ايمرجنسي ڪيش پروگ??ام جو شمار عالمي سطح جي پهرين 4 و??ن سماجي تحفظ پروگرامن ۾ ڪرڻ تي خاص معاون سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ احساس ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته انهن کي اه?? سنگ ميل مبارڪ هجي، اه?? ان اعزاز ۽ عالمي پذيرائي جا پوري طرح حقدار هئا. اها ڳالهه هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چئي. وزيراعظم عمران خان عالمي بئنڪ پاران احساس ايمرجنسي ڪيش پروگ??ام بابت رپورٽ پڻ شيئر ڪئي. عالمي بئنڪ عالمي سطح تي ڪوويڊ 19 کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سماجي تحفظ پروگرامن تي ٻڌل هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي.