اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) جون 2021ع ??ائ??ن 8 ملين ماڻهن کي احساس ڪفالت پروگرام تحت 12 هزار رپ??ن جي مالي امداد ڏني ويندي، وفاقي حڪومت ڪوويڊ 19 جي ڪري روزگار متاثر ٿيڻ سبب احساس ڪفالت پروگرام تحت 4 ملين ماڻهن کي هڪ ڀيرو 12 هزار رپ??ن جي مالي معاونت جو فيصلو ڪيو آهي، ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) احساس ??يمرجنسي ڪيش پروگرام جي ٻئي مرحلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي واپڊا جي پاڻي وسيلن جي منصوبن جي منافعي جي وقت سر ورڇ لا??ِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي پاڪستان سنگل ونڊو ايڪٽ 2021ع تحت 12 مختلف نوٽيفڪيشنز جاري ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني آهي جنهن سان روانگي واپار ۽ آمدني واپار جي حوالي سان پيپر ورڪ ۾ گهٽ??ائ?? ۽ واپار جي فروغ ۾ مدد ملندي. ناڻي واري وزارت پاران جاري بيان موجب ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير شوڪت تر??ن جي صدارت ۾ اي سي سي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ ٿيو.