اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ورلڊ پاپوليشن ريويو سڄي دنيا ۾ رهڻي ڪهڻي جي خرچن (ڪاسٽ آف ??يو??گ) بابت پنهنجي سالياني رپورٽ 2021ع جا??ي ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ پاڪستان کي سستو ترين ملڪ قرار ڏ??و ويو آهي، 22 ڪروڙ 51 لک 99 هزار 937 آبادي سان گڏ پاڪستان ۾ ڪاسٽ آف ??يو??گ 18.58 آهي، 3 ڪروڙ 98 لک 35 هزار 428 آبادي سان گڏ افغانستان ۾ ڪاسٽ آف ??يو??گ 24.51، انڊيا ۾ هڪ ارب 39 ڪروڙ 34 لک 9 هزار 38 جي آبادي سان گڏ ڪاسٽ آف ??يو??گ 25.14 آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ازبڪستان ۾ ڪاسٽ آف ??يو??گ 30.25، نيپال 30.69، نائجيريا 31.75، ويٽنام 38.72، ملائيشيا 39.46، برازيل ۾ 42.64 آهي. هن ٻڌايو ته ڪاسٽ آف ??يو??گ جي حوالي سان دنيا جي مهانگي ترين ملڪن ۾ ڪيمين آئس لينڊ ۾ 141.64، برمنڊا ۾ 138.22، سوئيٽزرلينڊ ۾ 122.67 ۽ ناروي ۾ ڪاسٽ آف ??يو??گ 104.49 آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته عالمي اداري هر ملڪ جي رينٽ انڊيڪس، مقامي قومي خريد، ڪنزيومر پرائس انڊيڪس ۽ گروسري انڊيڪس کي نظر ۾ رکي اها رپورٽ تيار ڪئي آهي.