اسلام آباد-15 سيپٽمبر(اي پي پي ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان گڏيل عرب امارات جي هم منصب شيخ عبدالله بن زايد النهيان گذريل ڏينهن ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٻه طر??ن ناتن ۽ افغانستان جي موجو??ه صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻه طر??ن ناتن ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبي ۾ سهڪار جي نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو . پرڏيهي وزير اماراتي هم منصب کي دبئي ۾ منعقد ٿيندڙ ايڪسپو 2020 جي بهترين انتظامن تي مبارڪباد ڏني ۽ ايڪسپ?? جي شاندار ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن اهم ع??ائقائي گڏيل دلچسپي وارن معاملن افغانستان جي صورتحال تي صلاح مشوري جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو .