اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ تيل جو?? قيمتون هاڻي به خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن، 75 سيڪڙو آبادي جي آمدني ۾ چڱو چوکو اضافو ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ تيل جو?? قيمتون هاڻي به خطي ۾ سڀني کان گهٽ آهن، يا ته ٽن سالن ۾ تيل جا کوهه نڪري اچن ها ٻي صورت ۾ ظاهر آهي ته جڏهن تيل ٻاهران خريد ڪرڻو آهي ته قيمتون وڌنديون، اهو ئي اصول باقي آمدني واپار لاءِ آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته اصل ڪاميابي اها آهي ته 75 سيڪڙو آبادي جي آمدني ۾ به خاطر خواه اضافو ٿيو آه??، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي خريداري جي قوت ??ندستان کان بهتر آهي، پگهاردار طبقي جو?? مشڪلاتون پنهنجي جاءِ تي پر 60 سيڪڙو آبادي زراعت سان لاڳاپيل آهي، جنهن کي 11 سئو ارب روپيا اضافي آمدني ٿي، هن چيو ته تعميرات ۽ انڊسٽريز سان لاڳاپيل ڪروڙين ماڻهن جي آمدني ۾ به اضافو ٿيو. مستري ۽ مزدور جي ڏيهاڙي ٽيڻ تي وڌي.