اسلام آباد -18 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه صرف پاڪستان بلڪه سڄي خطي لاءِ انتهائي اه??يت جوڳو آهي. اجتماعيت جي حامل سياسي حل ذريعي افغانستان ۾ امن جو ??يام خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي لاءِ اڻٽر آهي. اهڙو اظهار هن ڪينيڊين پرڏيهي وزير مارڪ گارنيو سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ڳالهين دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ افعانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هن چي?? ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افعانستان نه صرف پاڪستان بلڪه خطي لاءِ انتهائي اه?? آهي. هن ڪينيڊين پرڏيهي وزير کي افغانستان جي صورتحال تي متفقه راءِ عمل جوڙڻ لاءِ ڪيل هاڻوڪي چار ملڪي دوري جي تفصيلن کان آگاه ڪيو. شاه محمود قريشي افغانستان ۾ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي افغانستان ۾ امن جي قيام کي خطي جي امن ۽ استحڪام ۽ ترقي لاءِ اڻٽر قرار ڏنو. هن عالمي برادري تي زور ڀري?? ته هو افغانستان جي معاشي ۽ انساني معاونت لاءِ اڳتي وڌن. هن چي?? ته پاڪستان، افغانستان ۾ انساني الميي کي نظر ۾ رکندي افغانين کي هوائي زميني رستي امدادي سامان جي فراهمي جاري رکي آهي. پرڏيهي وزير افغانستان کي امدادي سامان موڪلڻ لاءِ انساني راهداري کولڻ بابت ڪينيڊين هم منصب کي آگاه ڪيو. هن چي?? ته عالمي برادري کي انهن ملڪن کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي جيڪي وڏي عرصي کان لکين افغان مهاجرين جي ميزباني ڪندا پيا اچن. پرڏيهي وزير ٻه طرفن لاڳاپن جي نوعيت تي اطمينان ڪندي انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير چي?? ته اسان ڪورونا وبا جي صورتحال م بهتري جي صورت ۾ پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ ايندڙ سياسي مشاورتي اجلاسن جا منتظر آهيون. پرڏيهي وزير ڪينيڊين پرڏيهي وزير سان هيملٽن ڪينيڊا ۾ پاڪستاني ڪيندين شهري جي مارجڻ ۽ ان جي 63 سالن جي والد فقير علي جي اغوا جو ??عاملو اٿاريو. ڪينيڊين پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي کي خاطري ڪرائي ته متاثر خاندان کي انصاف جي فراهمي لاءِ ڪينيڊين حڪومت معاملي جي مڪمل جاچ ڪري رهي آهي. پرڏيهي وزير ڪينيڊين هم منصب کان مطالبو ڪي?? ته وبائي صورتحال ۾ بهتري کي نظر ۾ رکندي شاگردن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ويزا ايڊوائيزري تي نظرثاني ڪئي وڃي. ڪينيڊين پرڏيهي وزير افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو ۽ ڪابل مان ڪينڊين شهرين جي نيڪ??لي ۾ پاڪستان طرفان فراهم ڪيل معاونت تي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستاني قيادت جو شڪريو ادا ڪيو. پرڏيهي وزير ڪينڊين هم منصب کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان افغانستان ۾ واپسي جي عمل ۾ معاونت جو سلسلو جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.