اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اهم وفاقي وزيرن، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي وڏ?? وزيرن سان گڏ آءِ ايس آءِ سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ا??ڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ چيف آف ا??ئر اسٽاف ا??ئر چيف مارشل ظهير احمد بابر به ان موقعي تي موجود هئا. آءِ ايس آءِ جي ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سيڪريٽريٽ اچڻ تي سندن استقبال ڪيو. بيان موجب اجلاس ۾ اعليٰ قومي ۽ عسڪري قيادت کي ملڪي سلامتي ۽ افغانستان جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ خطي ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم قومي سلامتي کي درپيش چئلينجز کي من??ن ڏيڻ لاءِ آءِ ايس آءِ جي پيشيو??اڻ?? صلاحيتن کي ساراهيو.