اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ڏي??هن جي دوري تي د??ئي پهچي ويو. گڏيل عرب امارات جي انصاف واري وزير عبدالله بن سلطان ب?? عواد النعيمي ۽ پاڪستاني سفير افضال محمود ايئرپورٽ تي صدر جو استقبال ڪيو. ايوان صدر ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي دوري دوران ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل عرب امارات جي اعليٰ قيادت سان به ملاقات ڪندو ۽ د??ئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستاني پويلين جو پڻ دورو ڪندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي د??ئي ۾ روشن پنهنجو گهر پروگرام جي رونمائي واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. پنهنجي ٻن ڏي??هن جي يو اي اي جي دوري جي موقعي تي صدر د??ئي ۾ ڪاروباري شخصيتن ۽ مختلف ڪمپنين جي سي اي اوز سان پڻ ملاقات ڪندو. ان دوري جو مقصد پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي.