مڪه المڪرمه – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان پنهنجي ٽن ڏينهن جي دوري دوران پهرين ڏينهن ڇنڇر جي رات وفد سان گڏ عمرو ادا ڪيو. ان م??قع?? تي وزيرا??ظم عمران خان پاڪستان جي امن ۽ خوشحالي کانسواءِ مسلمان امت جي لاءِ دعا ڪئي. ان کان اڳ وزيرا??ظم عمران خان مدينه منوره پهتو جتي مدينه منوره ۾ مڪه ريجن جي ڊپٽي گورنر شهزاده فيصل بن الخالد السعود وزيرا??ظم جو استقبال ڪيو. مدينه منوره اچڻ جي فوري پوءِ وزيرا??ظم عمران خان مسجد نبوي ﷺ ۾ روضه رسول ﷺ تي حاضري ڀري ۽ نفل ادا ڪيا ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي. وزيرا??ظم عمران خان جڏهن جده پهتو ته مڪه ريجن جي ڊپٽي گورنر شهزاده بدر بن سلطان السعود سندس استقبال ڪيو. وزيرا??ظم عمران خان سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري تي رياض ۾ ٿيندڙ مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽيو اين جي آئي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پهتو آهي. وزيرا??ظم عمران خان ول?? عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي سعودي عرب جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيرا??ظم عمران خان سعودي عرب ۾ گرين انيشي ايٽيو اين جي آئي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ سيڙپڪاري فورم ۾ پڻ شرڪت ڪندو ۽ سعودي قيادت سان ملاقات پڻ ڪندو. توقع آهي ??ه وزيرا??ظم سعودي عرب ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيرا??ظم عمران خان سان گڏ وفد ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر ۽ ماحوليات وارو خاص معاون امين اسلم شامل آهن.