اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان وفاقي ادارن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سه??لت??ار آفيسرن جي مقرري ۽ خصوصي سيڪشن ۽ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيرا??ظم ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) پاران جاري بيان مجب حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٻيو وڏو قدم کنيو آهي، وزيرا??ظم وفاقي ادارن ۾ سه??لت??ار آفيسر ??قرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته 39 وفاقي ڊويزنز ۾ اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ سه??لت??ار آفيسر ??قرر ڪيا وڃن، وزيرا??ظم 13 وزارتن جي 34 ذيلي ادارن ۾ خصوصي سيڪشن ۽ ڊيڪس قائم ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. وزيرا??ظم جي هداي تي وزيرا??ظم ڊيليوري يونٽ لاڳاپيل وزارتن کي ان سلسلي ۾ هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي. وزيرا??ظم آفيس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سه??لت??ار آفيسر گريڊ 19 کان گهٽ جا نه هوندا ۽ وزارتون سه??لت??ار آفيسرن جي مقرري کي نوٽيفائي ڪنديون. خط ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته مخصوص سيڪشن ۽ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو پڻ باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ۽ وفاقي ادارا سهولت جي فراهمي بابت آگاهي جي لاءِ پرڏيهي وزارت، سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت کي معلومات فراهم ڪن، ان قدم جو مقصد سمنڊ پار پاڪستانين کي آفيسن ۾ درپيش مسئلن جو ازالو ڪرڻ آهي. وزيرا??ظم آفيس هدايت ڪئي ته سموريون ڊويزنز 13 ڏينهن ۾ ڪارروائي مڪمل ڪري رپورٽ ڏين، ان قدم سان سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ خدمتن جي فراهمي ۽ ٻين معاملن بابت آگاهي ۾ مدد ملندي. پرڏيهي وزارت، اوورسيز پاڪستانين واري وزارت ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پنهنجي طور تي به سهولت جي آگاهي ڏينديون.