اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته م??اش?? سرگرمين جي ??روغ لاءِ بهتر ۽ گهٽ لاڳت جي بنيادي ڍانچي جي تعمير جي ??اءِ پرعزم آهيون، سيالڪوٽ – کاريان موٽروي منصوبو گيم چينجر ثابت ٿيندو، ملڪ جي ??يمتي مالي وسيلن جي بچت جي ??اءِ معياري ۽ گهٽ لاڳت جا رستا تعمير ڪيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ – کاريان راولپنڊي موٽروي جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي ??اڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان جو مقصد ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ بهتر ۽ گهٽ لاڳت رستا تعمير ڪرڻ آهي، سيالڪوٽ – کاريان موٽروي جي راولپنڊي تائين توسيع جو منصوبو گيم چينجر ثابت ٿيندو ۽ ان سان علائقي ۾ سامان ۽ خدمتن جي ??وثر چرپر کي يقيني بڻائي سگهبو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اين ايڇ اي نه رڳو وڌيڪ نوان رستا ٺاهي رهي آهي پر بهتر معيار ۽ گهٽ لاڳت جي رستن جي تعمير لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 1753 ڪلوميٽر جي ??ئين رستن جا منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. چئن ڦاڪن وارو رستو 17 ڪروڙ رپيا في ڪلو ميٽر جي حساب سان تعمير ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اڳوڻي حڪومتن جي دورن ۾ اهو رستو 37 ڪروڙ رپيا في ڪلو ميٽر جي حساب سان تعمير ڪيو ويندو هو. تازو ئي شروع ٿيندڙ سيالڪوٽ – کاريان موٽروي اڳوڻي حڪومت پاران تعمير ڪئي ويندڙ سيالڪوٽ – لاهور موٽروي کان 10 ڪروڙ رپيا في ڪلوميٽر گهٽ لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ملڪ جي ??يمتي مالي وسيلن کي بچائڻ لاءِ گهٽ کان گهٽ ممڪن لاڳت تي معياري انفراسٽرڪچر جي تعمير جي ??اءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن.