اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جيڪا اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چاهي ٿي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ٻه قانون انتهائي اهميت رکندڙ آهن، انهن قانون?? جي منظوري وزيراعظم عمران خا?? جي ڪمٽمينٽ رهي آهي، ٻنهي ايوان?? جي اڪثريت هتي موجود آهي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اڄ اهم بل پاس ٿ?? ويندا، مخالف ڌر ڪمزور پهلوانن تي ٻڌل آهي، قانونسازي کانپوءِ مخالف ڌر جي اندر وکرڻ جو عمل تيز ٿي ويندو. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي چونڊيل ميمبرن وزيراعظم عمران خا?? جي قيادت تي مڪمل اعتماد ج?? اظهار ڪيو آهي، انهن سمورن ميمبرن جا ٿورا مڃان ٿو جيڪي پنهنجون مصروفيتون ڇڏي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. هن چيو ته ٻنهي ايوان?? جي ميمبر?? جي اڪثريت هتي موجود آهي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اهم بل پاس ٿ?? ويندا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ٻه قانون انتهائي اهميت رکندڙ آهن، انهن قانن?? جي منظوري وزيراعظم عمران خا?? جي ڪمٽمينٽ رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جيڪا اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چاهي ٿي، پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ وزيراعظم انهن اتحادين، سينيٽرز ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جا ٿورا مڃيا جيڪي اسان بيماري ۽ مجبوري جي باوجود آيا. پارلياماني پارٽي وزيراعظم تي پنهنجي مڪمل اعتماد ج?? اظهار ڪيو آهي، اهو اعتماد پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پڻ ظاهر ٿيندو. هن چيو ته مخالف ڌر ڪمزور پهلوانن تي ٻڌل آهي، شڪست جو شڪار ٿي چڪي آهي، اڄ جي قانونسازي کانپوءِ مخالف ڌر جي اندر وکرڻ جو عمل تيز ٿي ويندو.