اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مسيحي برادري سميت اقليتن جو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، موجوده حالتن جي ڏس ۾ امن ۽ آشتي جو پي??ام عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪرسمس جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسيحي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي ڏينهن حض??ت عيسيٰ عليه السلام جي تعليم تي عمل ڪرڻ جي عزم کي ورجائڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، هو امن جو پي??مبر هو، مذهبي تعليم ۾ اخوت، درگذر جو وڏو درجو آهي، دنيا ۾ ان پي??ام کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هنو قت دنيا ۾ جنگيون ۽ قتلام ٿي رهيو آهي، ٻارن ۽ عورتن تي ظلم ٿي رهيو آهي، سمورا چرچ ان ظلم ۽ جنگ جي نفي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته دنيا ۾ امن جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته سيالڪوٽ واقعو شرمندگي جو سبب آهي. هن امن ۽ آشتي بابت اسلامي ۽ مسيحي تعليم جو پڻ حوالو ڏيندي چيو ته دنيا ۾ امن جي لاءِ ان تعليم تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان ??ان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي مذهبي معاملن ۽ ب??ن المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير پي?? نورالحق قادري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته الله جا سمورا نبي، پي??يمبر، مذهب امن ۽ محبت جو درس ڏين ٿا، اسان جو پي??ام آهي ته پاڪستان سڀني جو آهي، ڀلي مسلمان، مسيحي، هندو يا ڪو به اقليت هجي هي ملڪ سڀني جو آهي، معاشري ۾ سمورين مذهبي ڌرين کي انهن جا حق حاصل آهن ۽ اهي عزت سان پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جي تحريڪ ۾ اقليتن قائداعظم محمد علي جناح سان گڏجي اهم ڪردار ادا ڪيو، هندوئن سميت ٻ??ن اقليتن موقعو هجڻ جي باوجود پاڪستان ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي مذهبي معاملن ۽ ب??ن المذاهب هم آهنگي واري پارلياماني سيڪريٽري شنيلا روٿ چيو ته ڪرسمس جو پي??ام امن ۽ ڀائيچارو آهي، حض??ت عيسيٰ جي تعليم ۾ امن ۽ سلامتي جو درس ڏنو ويو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت ملڪ ۾ امن ۽ آشتي، محبت ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب قدم کڻي رهي آهي، موجوده حڪومت ڪرتارپور لنگهه سميت اقليتن جي ڀل??ئي لاءِ قدم کنيا آهن. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪرسمس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.