اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ٻطرف?? لاڳاپن، گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان برطانيه سان ٻطرف?? لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرف?? لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ برطانيه ۾ رهندڙ 16 لک پاڪستانين جو ڪردار خصوصي اهميت رکندڙ آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان برطانيه سان واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ لاءِ اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آهي، برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ٻرطرف?? لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنج?? ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.