اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نوجوانن تي زور ڏنو آهي ته اهي وڻڪاري ۾ ڀرپور حصو وٺن، هر خاندان گهٽ ۾ گهٽ 5 وڻ لڳائي ۽ انهن جي پرورش ڪر??، ايندڙ نسلن جي لاءِ اهو ضروري آهي، پوري دنيا ماحولياتي تبديلي جي خلاف اس??ن جي جدوجهد کي ساراهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ اسڪائوٽس جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي بهار موسم جي وڻڪاري مهم 2022ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسڪائوٽس کي انهن جي قائم ٿيڻ جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيان ٿو. بدقسمتي سان پاڪستان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جتي موسمياتي تبديلي جو خطرو درپيش آهي. وڻڪاري جي ذريعي اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جو تحفظ ڪر?? سگهون ٿا ۽ انهن کي بهتر ماحول فراهم ڪر?? سگهون ٿا. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺن، والدين پنهنجي ٻارن جي مستقبل جي لاءِ ان مسئلي جي اهميت کي سمجهن ۽ هر خاندان گهٽ ۾ گهٽ 5 وڻ لڳائي ۽ انهن جي پرورش ڪر??، اهڙي طرح اسان اصل ۾ پنهنجي مستقبل جي پرورش ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي 12 موسم ڏنا آهن، هتي هر قسم جي وڻن ۽ ميون جي واڌويجهه ٿي سگهي ٿي. اسان کي الله تعاليٰ جي ڏنل نعمتن جو قدر ڪرڻ گهرجي، اسان الله جي نعمتن جي پرواهه نه ڪئي ??ن لاءِ موسمياتي تبديلي جي عذاب ۾ گهيريل آهيون. وزيراعظم چيو ته هلندڙ بهار جي موسم ۾ 54 ڪر??ڙ وڻ لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي جهڙي طرح ان کان اڳ سمورا هدف حاصل ڪيا، هي به ڪنداسين. هن چيو ته ٽين بلين ٽري سونامي منصوبي سان پاڪست??ن جو ماحول بهتر ٿي ويندو، بدقسمتي سان گذريل سالن دوران انگريزن جا لڳايل ٻيلا ۽ وڻ به تباهه ڪيا ويا. وزيراعظم وڻڪاري مهم جي ڪاميابي تي م??ڪ امين اسلم ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته موسمياتي تبديلي جي خلاف اس??ن جي جدوجهد کي دنيا ساراهيو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري صلاحڪار م??ڪ امين اسلم چيو ته هيستائين اسان وڻڪاري جي حوالي سان سمورا هدف حاصل ڪيا آهن. 54 ڪر??ڙ ٻوٽا لڳائڻ جو هدف حاصل ڪر?? ورتو آهي. هزارين ماڻهن کي وڻڪاري سان سڌي طرح ۽ اڻ سڌي طرح روزگار حاصل ٿيو آهي. هلندڙ سيزن دوران هدف کان پنجوڻ تي وڌيڪ وڻ لڳائينداسين. هن ٻڌايو ته سعودي عرب سان ماحوليات جي حوالي سان ايم او يوز تي صحيحون ٿي چڪيون آهن. برطانوي وزيراعظم ۽ ورلڊ اڪنامڪ فورم پڻ ماحوليات جي لاءِ پاڪست??ن جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. هن چيو ته ساڍا 9 هزار سائنس تي وڻڪاري جاري آهي ۽ ??ن جا تفصيل اسان پبلڪ ڪر?? ڇڏيا آهن. ان کان اڳ وزيراعظم ٻوٽو لڳائي ??هار موسم جي وڻڪاري مهم 2022ع جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وفاقي تعليم وارو وزير شفقت محمود ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.