اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوان?? جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته هو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هن ملڪي ترقي يقيني بڻائڻ لاءِ عورتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ تي به زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مسلم يوٿ يونيورسٽي جي پ??رين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته عورتن کي معاشرتي ترقي ۾ برابر حصيدار جي طور تي موقعا نٿا ملن جنه?? جي باعث ملڪ ۾ حقيقي خوشحالي نه آئي. هن عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انه?? جي شموليت يقيني بڻائڻ ۽ عوامي جاين تي انهن لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته عورتن کي آن لائن اي بزنس ۽ پارٽ ٽائيم نوڪرين ۾ موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن هو پ??هنجي پيشي سان وابسته رهن. هن چيو ته نوجوان?? جي لاءِ ڪامياب جوان پروگرام ۽ بئنڪن پاران جاري ٻين قرض اسڪيم?? جي ڪري وسيع موقعا پيدا ٿيا آهن، گريجوئيٽس انهن موقعن مان فائدو کڻن ۽ پنهنجي پ??شيوراڻي شعبن ۾ ڪاميابي حاصل ڪن. هن گريجوئيٽس تي زور ڏنو ته هو پ??هنجي زندگين ۾ ڪاميابي لاءِ ايمانداري، ديانتداري جو مظاهرو ڪن، انسانيت کانسواءِ تعليم جي ڪا به اهميت ن?? آهي. هن چيو ته دنيا پناهگيرن لاءِ دروازا بند ڪري انساني قدر نظرانداز ڪري رهي آهي. پاڪستان لکين افغان پناهگير?? جي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ميزباني ڪري اخلاقي قدرن جو مظاهرو ڪيو. صدر مختلف شعبن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ گريجوئيٽس ۾ ايوارڊ ورهايا.