اسلام آباد – 01 – جو??اء?? (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته صحافت زنجيرن ?? ويڙهيل هجي ته جمهوريت به ڄڻ قيدي هوندي آهي، ميڊيا ۽ اظهار راءِ جي آزادي ڪنهن تي احسان نه آهي پر آئين جي بنيادي گهرج ۽ حق آهي، صحافين جو تحفظ ۽ پيشيواراڻو سازگار ماحول فراهم ڪرڻ اتحادي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم شهباز شريف ذميواري سنڀاليندي ئي ميڊيا مخالف قانونن ۽ ضابطن کي ختم ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو، صحافين جي تحفظ جي (ترميمي) بل 2022ع تي صحافين ۽ صحافتي تنظيمن سان وڌيڪ مشاورت ڪري قانوني مسودي کي حتمي شڪل ڏينداسين. اها ڳالهه هن پاڪستان فيڊرل ي??نين آف جرنلسٽس (دستور) جي صدر نواز رضا جي قيادت ۾ ملاقات جي ??اء?? آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته منهنجي خصوصي هدايتن تي جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز پروٽيڪشن (ترميمي) بل 2022ع اطلاعات واري وزارت کي ملي ويو آهي جنهن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ??اء?? خصوصي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ان ڪميٽي ۾ اطلاعات، قانون، انساني حقن جي وزارتن ۽ ميڊيا جا ??مائندا شامل آهن. هن چيو ته معاملي کي جلد اڪلائڻ جي ??اء?? ڪميٽي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد پڻ شامل آهي. مريم اورنگزيب چيو ته صحافين ۽ صحافتي تنظيمن سان وڌيڪ مشاورت ڪري قانوني مسودي کي حتمي شڪل ڏينداسين. هن چيو ته صحافت جي آزادي جو احترام جمهوريت جو بنياد آهي، ميديا جي آزادي سان ئي سياست به زندگي ماڻي ٿي. هن چيو ته ميڊيا جي ادارن ?? صحافين کي فيڪ نيوز ۽ پروپئگنڊه نيوز جي ??اء?? پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ميڊيا جي آزادي ۽ احساس ذميواري ۾ توازن سان معاشري ۾ وڌندڙ ويڇن کي روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته اختلاف راءِ ۽ نفرت جي وچ ۾ فرق سمجهائڻ ۽ عوامي راءِ هموار ڪرڻ جي ??اء?? اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي پي ايف يو جي جي وفد اطلاعات واري وفاقي وزير کي صحافين کي درپيش مشڪلاتن ۽ پيشيواراڻي مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحافتي تنظيمن جي سفارشن جي روشني ۾ گڏجي صحافين جا ??سئلا حل ڪنداسين.