فيصل آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) فيصل آباد مان چونڊيل صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ ايف ڊي اي جي اڳوڻي چيئرمين چوڌري لطيف نذر چيو آهي ته ڪشمير جي آزاد حيثيت جي خاتمي جا 3 سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي قوم اڄ جمعي ڏينهن ڪشمير استحصال ڏهاڙو ان عزم جي تجديد سان ملهائيندي ته ڪشمير جي آزاد حيثيت بحال ۽ ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيڻ تائين پاڪستاني قوم پنهنجي جدو??هد جاري رکندو. قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪشمير گڏ??ل قومن جو سڀ کان پراڻو حل طلب مسئلو آهي پر عالمي ادارن ۽ عالمي قوتن والاريل واديءَ ۾ ڀارت جي رياستي ڏاڍ ۽ تشدد تي مسلسل خاموشي اختيار ڪري رکي آهي. هن چيو ته ??انورن تي ظلم خلاف منظم تحريڪون هلائيندڙن کي معصوم ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم نظر نه ٿا اچن جيڪي ٽن سالن کان دنيا جي سڀ کان وڏي جيل نما واديءَ ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي ٺوس حڪمت عملي جي نتيجي ۾ ڪشمير مسئلي کي نئين جدت ملي آهي ۽ مسلسل سفارتڪاري دنيا کي ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن بابت آگاهي ڏني آهي. هن چيو ته ??ن ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سڄي پاڪستان وانگر فيصل آباد جي عوام به اڄ ڀرپور آواز اٿاريندي ته ??يئن مرده عالمي ضمير کي سجاڳ ڪيو وڃي. هن سول سوسائٽي تي زور ڏنو ته ??هي جمعي ڏينهن الله تعاليٰ آڏو ٻاڏائي ڪشمير جي مسئلي جي مستقل حل ۽ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ دعائون به ڪن.