اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چي?? آهي ته پاڪستان جي لاءِ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ تمغا حاصل ڪندڙ رانديگرن اسان جا ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ??ڏيا ۽ عالمي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو سربلند ڪري ??ڏيو، وطن واپسي تي انهن سان ملاقات ڪري انهن جي حوصلا افزائي ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چي?? ته نوح بٽ ۽ ارشد نديم سوني، شريف طاهر، زما?? انور ۽ انعام بٽ چاندي، شاهه حسين، علي اسد ۽ عنايت الله ڪامن ويلٿ گيمز ۾ تانبي جا تمغنا کٽي مون سميت سمورن پاڪستانين جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ??ڏيو ۽ عالمي دنيا ۾ پاڪستان جي عزت ۾ اضافو ڪيو آهي. توهان پوري قوم جو فخر آهيو. وزيراعظم چي?? ته هو انهن سمورن ايٿليٽس سان وطن واپسي تي ملاقات ڪري انهن جي حوصلا افزائي ڪندو. ان کانسواءِ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ شريڪ ٻيا پاڪستاني ايٿيليٽس پڻ فخر جوڳا آهن جيڪي محنت ۽ لڳاءُ سان پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته فتح ۽ هار راند جو حصو آهي، حوصلو نه هاريو، محنت جاري رکو.