اسلا?? آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 آگسٽ تي هرنائي بلوچستان ۾ شهيد ٿ??ندڙ پاڪستان آرمي جي جوانن جي و??رثن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر پاران جاري بيان م??جب صدر نائيڪ محمد عاطف ۽ سپاهي قيوم جاويد جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر فرض سرانجام ڏيڻ دوران جان قربان ڪرڻ تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.