اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٻوڏ متاثري?? جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ پوري طرح مصروف آهي، متاثري?? جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي سنگين چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تمام گهڻا وسيلا گهربل هوندا، پاڪستان ۽ آمريڪا جي گڏيل احترام، اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل لاڳاپن ۾ تعميري ۽ پائيدار رابط?? جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري پڌرائي موجب پاڪستا?? جي دوري تي ايل ڪانگريس وومن شيلا جيڪسن لي جي قيادت ۾ آمريڪي وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڪانگريس مين ٿامس سوزي ۽ آل گرين شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم آمريڪي ڪانگريس جي وفد جي نازڪ صورتحال پاڪستا?? جي دوري کي ساراهيندي چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثري?? جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ پوري طرح مصروف آهي، 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 1300 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون، زراعت، لائيو اسٽاڪ، ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو. هن چيو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير دو??ان سنگين چئلينجز درپيش هوندا ج?? جي لاءِ تمام گهڻا وسيلا ۽ عزم جي ضرورت آهي، ان ڏس ۾ عالمي برادري پا??ان مسلسل حمايت، يڪجهتي ۽ امداد اهم آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ موجود لاڳاپن م بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ تعميري ۽ پائيدار ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪي گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل هجن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪارب?? جي سڀ کان گهٽ اخراج واري ملڪن ۾ شامل هجڻ جي باوجود موسمياتي تبديلين جو شڪار آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترقي يافته ملڪن کي پنهنجي آبهوا کي صاف شفاف بڻائڻ جي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي جنهن ۾ اسرندڙ دنيا ۾ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اڳڪٿي موجب وسيل?? جي فراهمي پڻ شامل آهي. وزيراعظم آمريڪا پا??ان ٻوڏ متاثري?? جي لاءِ فراهم ڪيل امداد کي ساراهيندي چيو ته ڪانگريس جي وفد جو پاڪستا?? جي دوري ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي پئماني جي حوالي سان عالمي سطح تي آگاهي وڌائڻ ۽ وڌ کان وڌ امداد کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. واضح رهي ته ڪانگريس جو ٽي رڪني وفد 4 سيپٽمبر کان پاڪستا?? جي دوري تي آهي. وفد ان دو??ان سنڌ جو دورو ڪيو ته جيئن نقصانن ۽ متاثري?? جي تڪليفن جو جائزو وٺي سگهجي. وفد ان دو??ان اهم ڌرين سان ملاقاتون ڪيون ته جيئن متاثري?? جي بحالي جي ڪوششن ۾ مدد جا طريقا ڳولي سگهجن. ڪانگريس وومين شيلا جيڪسن لي ٻوڏ متاثرين خاص طور تي پنهنجي پيارن کان وڇڙي ويندڙ?? جي لا??ِ گهري همدردي جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ام??د ظاهر ڪئي ته پاڪستاني قوم ان آفت کي عزم ۽ همت سان منهن ڏيندي. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته آمريڪي ڪانگريس ۽ انتظاميا ان وڏي چئلينج ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندي ۽ متاثري?? جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ ۽ نئين سر تعمير ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪندي.