نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته عالمي مسئلن ۽ بحرانن سان عورتون غيرمتناسب طور تي متاثر ٿيون آهن، عالمي امن، سلامتي ۽ ترقي ۽ خاص طور تي موسمياتي تبديلي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عورت اڳواڻن جي آواز جي و??ي اهميت آهي، پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ 650000 کان وڌيڪ حاملا عورتن جي صحت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن نيويارڪ ۾ ”فيمنسٽ ف??رن پاليسي“ جي موضوع تي هڪ تقريب کي خطاب ۾ڪيو. تقريب جو ??نعقاد گڏيل ??وم?? جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ڪيو ويو. حنا رباني کر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فيمنسٽ ف??رن پاليسي کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ عورت اڳواڻن جي لاءِ اهو ڄاڻڻ ??رو??ي آهي ته عورتون تڪر??رن ۽ بحران سان غيرمتناسب طور تي متاثر ٿين ٿيون، ان ڏس ۾ انهن کي اصولن سان سچي وابستگي ظاهر ڪرڻ جي ??رو??ت آهي. جرمني جي اهتمام هيٺ ان تقريب ۾ عورت وزيرن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي جيڪي گڏيل ??وم?? جي جنرل اسيمبلي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي لاءِ نيويارڪ ۾ موجود آهن.