ڪراچي-19 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آه?? ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون ج??ري آه??. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 76567 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آه??. هن پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آه?? ته بدين ۾ 5750 خاندانن ۾ راشن بيگس تقسيم ڪيا ويا. اهڙي طرح دادو ۾ 17114، حيدرآباد 3000، ميرپورخاص 3500، جيڪب آباد 1774، لاڙڪاڻو 2438، قمبر شهدادڪوٽ 3968، خيرپ??ر ميرس 999، ٺٽو 10000، سجاول 13000، شهيد بينظير آباد 6263، نوشهروفيروز 1500، سانگهڙ 6261 ۽ ٿرپارڪر ۾ 1000 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1839845 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا آه??. متاثر ۾ وڌيڪ 35000 جيري ڪينس ۽ 9000 مال جون مڇر دانيون پڻ ورهايون و??ون آه??. صوبائي وزير چيو ته امدادي سرگرمين جي شروعات کان هاڻي تائين متاثرن کي 626514 خيما، 541542 پلاسٽڪ ترپال، 3282337 مڇردانيون، 803811 ليٽر منرل واٽر، 107975 ڪيري ڪينس، 173623 پڪل کاڌي جو ديڳيون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آه??. هن و??ت ريليف ڪيمپن ۾ 195252 متاثر موجود آه??، جن ۾ 41218 ٻار ۽ 38556 عورتون شامل آه??. ريليف ڪيمپس ۾ متاثرن کي ٻه وقت جو پڪل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن جي واقعن ۾ 786 ماڻهو فوت ۽ 8422 زخمي ٿيا. هن چيو ته درياء سنڌ ۾ پاڻي جي سطح هيٺين درجي تي آه??.