اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان جاپان لاءِ پاڪستا?? جي نامزد سفير رضا بشير تارڙ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي نامزد سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ موجوده ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جاپان ۽ پاڪستا?? جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ اقتصادي، ڪاروباري لاڳاپن ۽ انساني وسيل?? جي ترقي اتي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر فيٽف ۾ جاپان جي پاڪستا?? جي لاءِ مسلسل حمايت کي ساراهيندي چيو ته نامزد سفير پاڪستا?? جي واجب الادا قرض?? جي ادائيگي معطل ڪرڻ جي لاءِ فيصلي تي جاپان جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته بنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ٻطرفو واپاري ڪاٿو 2.56 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. صدر پاڪستان سان جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) جي ترقياتي تع??ون کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته نامزد سفير ٻطرفن لاڳاپن کي تع??و?? جي نئين ۽ اعليٰ سطحي تي وٺي وڃڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جاپان ۾ آءِ ٽي، انساني وسيلن، آن لائين خدمت?? جي فراهمي ۽ جاپاني تعليمي ادارن ۽ صنعت سان تع??و?? جي لاءِ نوان رستا ڳوليا وڃن. صدر چيو ته جاپان پاڪستا?? جي ترقي لاءِ اڻٿڪ تع??ون ڪيو آهي، تاريخ ۾ مجموعي طور تي اٽڪل 13 ارب ڊالر جي امداد سان جاپان جو ٻيو وڏو حصيدار آهي. هن پاڪستاني مصنوعات کي جاپاني منڊين ۾ ڊيوٽي فري پهچ ڏيڻ، ٽيرف گهٽ ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.