استنبول – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ايرا?? ۾ ??يندڙ فلم فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمن جي نمائش جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پ??ڪستان ايران سان فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ايراني فلمساز پاڪستان پاران فلم انڊسٽري جي لاءِ ڏني ويندڙ مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اها ڳالهه هن او آءِ ??ي اطلاعات وارن وزيرن جي ڪانفرنس جي 12 هين اجلاس جي موقعي تي ثقافت واري ايراني وزير محمد مهدي اسماعيل سان ملاقات دوران ڪندي چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، ثقافتي ۽ عوام جي سطح تي رابطن سميت مختلف شعب?? ۾ ??طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ وسيع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پ??ڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي سان ثقافتي ۽ مذهبي رشتن ۾ ڳنڍيل آهي. هن چيو ته پ??ڪستان ايران سان فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته ايراني فلم فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمون نمائش لاءِ پيش ڪيون وينديون. هن چيو ته پ??ڪستان حڪومت 2022ع جي بجيٽ ۾ فلم انڊسٽري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي تي ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو آهي. غيرملڪي فلمسازن کي مقامي سطح تي فلم ۽ ڊرامن جي گ??يل منصوبن ۾ سهولت ڏني پئي وڃي. ايران جا فلمساز به پ??ڪستا?? ۾ ??لم انڊسٽري جي لاءِ ??ڪومت پاران ڏني ويندڙ مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اطلاعات ۽ ثقافت جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ۽ وفدن جي مٽاسٽا تي اتفاق ٿيو. اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستاني قوم سان يڪجهتي ۽ حم??يت تي ايران جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ايراني ثقافت واري وزير پاڪستان سان اطلاعات ۽ فن ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير کي ايرا?? ۾ ??يندڙ فلم فيسٽيول ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.