اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ازبڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته خطي ۾ رابطن جي منصوبن سان نه رڳو واپاري ڪميونٽيز کي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ملندي پر ان سان ٻنهي ملڪن ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات پڻ ٿيندي. و??ير??عظم محمد شهباز شريف اها ڳالهه ازبڪستان جي نائب و??ير??عظم، سيڙپڪاري ۽ ٻاهرئين واپار واري وز??ر خودجائيوف جم??يد عبدو حڪيموف ??ي قيادت ۾ ازبڪستان جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. گذريل سيپٽمبر ۾ ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۽ ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي تي ٻڌل قدمن تي آڪٽوبر 2022ع ۾ قزاخستان ۾ ٿيندڙ ڇهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف سان پنهنجي ملاقاتن جو حوالو ڏيندي و??ير??عظم پاڪستان پاران ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ مثالي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان رستن ۽ ريلويز جي ذريعي وچ ايشيا تائين پهچ جي آڇ ڪري رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته خطي ۾ رابطن جي انهن منصوبن سان نه رڳو واپاري ڪميونٽيز کي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ملندي پر ان سان ٻنهي ملڪن ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. ازبڪستان جي وفد و??ير??عظم کي پاڪستان ۾ اقتصاديات جي وزارتن سان ٿيندڙ ملاقاتن بابت ٻڌايو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ٿيو آهي. ازبڪستان جي نائن و??ير??عظم، سيڙپڪاري ۽ ٻاهرئين واپار واري وز??ر خودجائيوف جم??يد عبدو حڪيموف و??ير??عظم کي مختلف شعبن ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي واپاري گروپن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقاتن ۽ اجلاسن کان پڻ آگاهه ڪيو. و??ير??عظم ٻنهي ملڪن جي بزنس ڪميونٽيز جي وچ ۾ واپاري رابطا قائم ڪرڻ جي لاءِ ثمر آور ڳالهه ٻولهه کي ساراهيو ۽ چيو ته ان سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. ازبڪستان جي وفد و??ير??عظم جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي دوستي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ رابطن ۾ واڌاري جي عزم کي ورجايو. و??ير??عظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ دوستي وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي ۽ ازبڪستان جي نائب و??ير??اظم ??ي قيادت ۾ وفد جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن جي عڪاسي ٿي رهي آهي.