اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فار?? ايجنٽ ڪوڙو، مظلوم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ، هڪ لک نوڪريون، 50 لک گهر ڏيڻ جي ڀڀڪين جو ڇا ٿيو؟ معيشت کي باهه لڳائي، مهانگائي جي تباهي ڦهلائي ۽ اڄ معيشت جي ڳالهه ڪندي ڪجهه ته شرم اچڻ گهرجي، خوف توهانکي پنهنجي ڏوهن کان ٿي رهيو آهي، خوف ان وقت ٿيڻ گهرجي ها جڏهن قومي خزاني تي تو??ان ڌاڙو هڻي رهيا هئا، خوف ان وقت اچڻ گهرجي ها جڏهن توشه خانه ۽ سرڪاري عهدن جي لوٽ سيل لڳل هئي. عمران خان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته خوف ان وقت اچڻ گهرجي ها جڏهن بشريٰ ۽ فرح پنجاب ۽ ملڪ جو هر عهدو رشوت وٺي وڪرو ڪري رهيون هيون، تو??ان کي شوڪت خانم اسپتال جي 30 لک ڊالر نجي ڪاروبار ۾ لڳائيندي خوف نه آيو، اهو ٻڌايو 2018ع ۾ ڊالر ڪيتري جو هو؟ اٽو کنڊ جي قيمت ڇا هئي؟ پيٽرول ۽ في يونٽ بجلي جي قيمت ڇا هئي؟ هن چيو ته فار?? ايجنٽ پاڻ گهر ۾ لڪي ويٺل آهي ۽ عوام کي چوي ٿو ته گهرن مان نڪرو، فار?? ايجنٽ کي خبر آهي ته گهر مان نڪتو ته ڪوڙ ڳالهائڻ جي ”آزادي“ ختم ٿي ويندي. هن چيو ته فار?? ايجنٽ جو هر ڪوڙ بي نقاب ٿي چڪو آهي، معيشت جي قاتل ۽ عوام جي ڏوهاري کي گهر مان ڪڍي جيل موڪلڻ جو وقت اچي ويو آهي.