اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته موجوده حڪومت ٿيلسيميا کان متاثر ٻارن جي ڀلائي جي لاءِ هر وقت ڪوشش ڪري رهي آهي، حڪومت انهن ٻارن سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن کي ڪڏهن به رت جي کوٽ ٿيڻ نه ڏينداسين. هو پاڪستان سوئيٽ هوم بلڊ بئنڪ پاران پارليامينٽ هائوس ۾ رت جي عطيي واري ڪئمپ جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهي هئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٻين شرڪت ڪندڙن سان گڏ نمايان ڪارڪردگي تي سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? ته اڄ پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان سوئيٽ هوم بلڊ بئنڪ پاران رت جي عطيي واري ڪئمپ اظهار ڪري ٿي ته اسان سڀ پارليامينٽرينز زمرد خان جي ان نيڪ ۽ عظيم مشن ۾ ان سان گڏ بيٺل آهيون، بنا ڪنهن شڪ جي اسان اهو ڏسون ٿا ته هر جڳهه تي سٺن ڪمن ۾ زمرد جو نالو پهرين صف تي اچي ٿو ۽ انهي لاءِ الله تعاليٰ ان جي هر ڪم ۾ برڪت وڌي آهي، زمرد خان ۽ سندس پوري ٽيم مبارڪباد جي مستحق آهي، يقينن توهان اسان جا ??يروز آهيو ۽ اسان سڀني جي لاءِ مشعل راهه آهيو. هن چي?? ته ٿيلسيميا کان متاثر ٻارن جي لاءِ رت جو عطيو جمع ڪري مستحق مريضن تائين مفت فراهمي کي يقيني بڻائڻ يقينن هڪ عظيم ڪم آهي، پارليامينٽرينز جي وڏي انگ ۾ رت جو عطيو ڏيڻ ملڪ سان محبت جو عملي اظهار آهي ۽ ثابت ڪري ٿو ته اسان جي پارليامينٽ هر قسم جي قربانين جي لاءِ هر وقت ڪوشش ڪري رهي آهي، آئون سمورن پاڪستانين ۽ عوام کي اپيل ڪنديس ته زمرد خان جي ان نيڪ مشن ۾ ان جو ساٿ ڏين. زمرد خان خطاب ڪندي چي?? ته اڄ مون کي اهو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي ته اسان جي هي مقدس پارليامينٽ ۽ هي ايوان انسانيت جي بي لوث خدمت ۾ ڪنهن کان گهٽ نه آهي، آئون سمورن پارليامينٽ ميمبرن سميت اعليٰ آفيسرن ۽ خاص طور تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا ??رويز اشرف جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جنهن اڄ منهنجي آواز تي لبيڪ چي?? ۽ معصوم زندگيون بچائڻ جي لاءِ ان عظيم مشن ۾ منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو، هي ايوان ۽ ان جي ميمبرن ٻئي اسٽاف ۽ آفيسرن مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ پنهنجي ماڻهن جي تحفظ، حقن ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پهرين صف جو ڪردار ادا ڪيو. هن چي?? ته رت جو عطيو ڏيڻ عظيم صدقه جاريه ۽ عين عبادت آهي، اسان جي هوندي ٿيلسيميا، هيموفيليا ۽ بلڊ ڪينسر جي مرض سان جنگ وڙهندي معصوم ٻار اڪيلا نه آهن، انهن ٻارن جي لاءِ جيڪڏهن مون کي پوري پاڪستان ۾ به وڃڻو پيو ته شهر شهر وڃي انهن جي لاءِ رت جو عطيو جمع ڪندس، پاڪستان سوئيٽ هوم نه رڳو هزارين يتيم ٻارن جون زندگيون بدلائي رهيو آهي پر لکين ٿيلسيميا ۽ هيموفيليا جي مرض سان جنگ وڙهندڙ ٻارن جي لاءِ جيئڻ جي اميد به آهي جن کي پنهنجي زندگي جيئڻ جي لاءِ مسلسل رت جي عطيي جي سخت ضرورت آهي. ان موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان، قانون واري مملڪتي وزير شاهد حسين، وزيراعظم جي خاص معاون امير مقام، اين ??يم اي ڊاڪٽر افضل خان ڍانڍلا، ??يم اين اي علي زاهد، ??يم اين اي شمس الاسلام، ??يم اين اي خان محمد جمالي، ??يم اين اي نديم عباس، ??يم اين اي آسيه عظيم، ??يم اين اي ڊاڪٽر شهناز، ??يم اين اي اسامه قادري، ??يم اين اي اظهر قيوم ناهرا، ??يم اين اي راڻا مبشر، ??يم اين اي احسان الله، پارلياماني سيڪريٽري رفيق احمد جمالي، ??يم اين اي ڊاڪٽر نثار چي??ا، ??يم اين اي طاهره اورنگزيب، ??يم اين اي محسن رانجها، ??يم اين اي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ??يم اين اي ناز بلوچ، افضل کوکر، راجا ??اروق حيدر، روبينه عرفان، سينيٽر تاج حيدر، سينيٽر مشاهد حسين، ??يم اين اي ڪشور زهره، ڊاڪٽر قادر خان مندوخيل سميت ٻين شخصيتن بلڊ ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ زمرد خان جي ان قدم کي ساراهيو.