اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) انٽرنيشنل اٽامڪ انر??ي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جو ڊائريڪٽر جنرل 15 ۽ 16 فيبروري تي پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ??افيل ماريانوگروسي ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل اٽامڪ انر??ي ايجنسي 15 کا?? 16 جنوري تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. ڊي جي آءِ اي اي اي پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪندو ۽ جوهري ٽيڪنالاجي جي مختلف ادارن جا دورا ڪندو جن ۾ صحت، زراعت، صنعت ۽ بجلي جي پيداوار جي شعبي جا ادارا شامل آهن. بيان موج?? هي دورو پاڪستان ۽ آءِ اي اي اي کي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال جي شعبي ۾ جاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا موقعا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪندو. پاڪستان 1957ع کا?? ايجنسي جو باني ميمبر آهي ۽ آءِ اي اي اي سان پراڻو ۽ گڏيل طور تي فائديمند تعاون ڪري رهيو آهي.