اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ دماغي ۽ نفسياتي م??ضن جي روڪٿام ۽ علاج جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ذه??ي صحت پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ٿيندڙ شعبن مان هڪ آهي، آگاهي نه هجڻ جي ڪري نفسياتي م????ضن جي اڪثريت مناسب علاج کان محروم رهي ٿي، ان ڏس ۾ معياري نظام جي تياري جي ذريعي م??ڻهن کي صح?? جي مناسب سهولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ دماغي صحت بابت هڪ ورچوئل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. برٽش ايشين ٽرسٽ جي چيف ايگزيڪيوٽو رچرڊ هاڪس ۽ برٽش پاڪستاني سائيڪاٽرسٽ ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر شاهد لطيف وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڪيئر ٽيڪ چيريٽيبل فائونديشن، گلوبل انسٽيٽيوٽ آف هيومن ڊيولپمينٽ جي نمائندن ۽ برٽش پاڪستاني سائيڪاٽرڪ ايسوسيئيشن جي ميمبرن ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين پڻ ورچوئل طور تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته آگسٽ 2022ع ۾ نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس جي ڪرايل سروي موجب پاڪستان جي 24 سيڪڙو آبادي ذهني دٻاءُ ۽ اضطراب جو شڪار آهي، ڪاليج جا 60 کان 80 سيڪڙو شاگرد ذهني دٻاءُ جو شڪار ڏٺا ويا جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي جنهن جي حل لاءِ شاگردن جي رهنمائي جي ضرورت آهي، حڪومت ماڻهن کي ذه??ي صحت ۽ تندرستي بابت مسئلن بابت مشورو ڏيڻ ۽ تعليم ڏيڻ جي لاءِ هڪ هيلپ لائين تيار ڪري رهي آهي. هن پاڪستان ۾ دماغي صح?? جي نگهداشت تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي اندر ۽ ٻاهر ڪم ڪندڙ ذه??ي صح?? جي پيشي سان واڳيل ماڻهن سان گڏوگڏ غيرسرڪاري تنظيمن (اين جي اوز) جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ورڪنگ جي ضرورت تي روشني وڌي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ ذه??ي صح?? جي پيشيور ماڻهن ۽ ضروري وسيلن کانسواءِ ذهني م??ضن بابت آگاهي جي کوٽ جي ڪري نفسياتي م????ضن جي اڪثريت يا ته علاج کان محروم رهي ٿي يا روايتي عقيدي ۽ مذهبي م??الج سان رجوع ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2000 ذه??ي صحت جا پروفيشنلز موجود آهن جيڪي 24 سيڪڙو آبادي کي ڪنهن نه ڪنهن قسم جي ذهني م??ئلن ۾ ورتل ماڻهن کي مناسب علاج ۽ مشاورت فراهم ڪرڻ کان قاصر آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته معياري نظام تيار ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري عوام کي جديد ۽ معياري صح?? جي سارسنڀال جي دستيابي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. هن ٻڌايو ته موجوده هيلپ لائينز/ چيٽ بوٽس کي هڪ واحد قومي ذه??ي صح?? جي هيلپ لائين/ چيٽ بوٽس ۾ ضم ڪيو ويندو جيڪو هڪ سال جي پائليٽ پراجيڪٽ جي شڪل ۾ شروع ڪيو ويندو. هن ذه??ي صح?? جي حوالي سان آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن ماڻهن جي رهنمائي ۽ انهن کي علاج جي اهميت کان آگاهه ڪري سگهجي. برطانيا مان گڏجاڻي کي خطاب ڪندي خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو ته بريسٽ ڪينسر جي ڪري مو?? جي شرح ۾ اضافي ۽ خصوصي م??ڻهن جي لاءِ سهولتن جي کوٽ پاڪستان ۾ سماجي ۽ صح?? جي اهم مسئلن مان آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي علامتن بابت آگاهي نه هجڻ ۽ دير سان تشخيص جي ڪري پاڪستان ۾ ان مرض سان مو?? جي شرح دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هن بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ خصوصي م??ڻهن جي حقن ۽ سهولتن جي لاءِ ان پاران ڪئي ويندڙ ڪوششن تي پڻ روشني وڌي. صدر برطانيا ۾ پاڪستاني ڄائي تربيت يافته ڪونسلرز تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ مر??ضن جي آن لائين ڪونسلنگ جي لاءِ رضاڪاراڻي طور تي ڪم ڪن ۽ ان مقصد جي لاءِ برٽش پاڪستاني سائيڪاٽرسٽ ايسوسيئيشن جي تعاون تي زور ڏنو. هن مل?? جي بهتري ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي پاڪستاني ڄائي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ طبي م??هرن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. شرڪت ڪندڙن صدر پاران کنيل اهم قدم ۽ پاڪستان ۾ ذه??ي صحت ۽ تندرستي بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ ان جي گهري دلچسپي کي ساراهيو.