لاهور – 24 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پ??جاب، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ مفت اٽي جي لاءِ اهڙا اهل ماڻهو جيڪي رجسٽرڊ نه آهن انهن جي ??ور?? رجسٽريشن يقيني بڻائي وڃي، اٽي جي ورڇ وارين پوائنٽس تي نادرا ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران رجسٽريشن جي لاءِ پنهنجا ڪائونٽرز قائم ڪيا وڃن، رمضان دوران غريب طبقي جي مشڪلاتن ۾ جيستائين مڪمن ٿي سگهي گهٽتائي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، مفت اٽي جي ورڇ 25 رمضان تائين جا??ي رهندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ رمضان ??ئڪ??ج تي جا??زه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شازيه مري، مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پنجاب نگران وڏي وزير سيد محسن نقوي ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مفت اٽو اسڪيم پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ جا??ي آهي جنهن سان اهل خاندانن جو وڏو انگ ف??ئد?? کڻي رهيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پ??جاب ۾ اٽي جي ورڇ واريُون پوائنٽس شادي هالز ۾ ٺاهيُون ويُون آهن جتي ماڻهن کي انتظار دوران مشڪلاتن کي بلڪل به منهن ڏيڻو نه پئجي رهيو آهي. ان کان اڳ وزيراعظم لاهور ۽ قصور ۾ اٽي جي ورڇ وارين پوائنٽس جو دورو ڪيو هو جتي انتظامن کي اطمينان جو قرار ڏنو هو. وزيراعظم پنجاب، خيبرپختونخواهه حڪومت ۽ اسلام آباد انتظاميا جي ان پروگرام ۾ شامل سمورن ادارن ۽ اهلڪارن جي ڪوششن کي ساراهيو.