لاهور – 03 – آگسٽ (اي پي پي) قائد ملت جعفريه پاڪستان علامه سيد ساجد علي نقوي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ آئ??ن شڪني جون ڀارتي ڪارروايون گڏيل قومن جي قراردادن ??ي خلاف ورزي آهن. جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته طاقت ۽ ڏااڍ جي زور تي ڪنهن به قوم کي دٻائي ??ه ٿو سگهجي، ڀارت جو آرٽيڪل 370 ??ي خاتمي وارو قدم مذمت جوڳو آهي جنهن والاريل ڪشمير جي آبادي جو تناسب آئيني دهشتگردي سان بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح دنيا تي واضح لفظن ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته ڪشمير اسان جي شهه رڳ آهي جنهن تي ڪو ٺاهه ??ه ٿو ڪري س??هجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارت کي ڪشمير تي قبضو ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي ۽ ڪشميري عوام کي آزاداڻي راءِ استعمال ڪرڻ جو حق ڏيڻ گهرجي.