اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ انشورنس انڊسٽري جي فروغ جي لاءِ مناسب ما??ڪيٽنگ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عو??م جي اعتماد جي لاءِ انشورنس جي شرطن بابت اڳواٽ وضاحت سان گڏوگڏ مڪمل آگاهي جي لاءِ پڻ قدم کنيا وڃن، اسان ده??تگردي جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻي ورتو آهي، هاڻي قومي تعمير جي عمل مان گذري رهيا آهيون، سڀ گڏجي ڪم ڪنداسين ته هڪ سٺو ۽ خوبصورت پاڪستان اڳتي وڌندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انشورنس انڊسٽري جي اقتصادي واڌويجهه ۽ محتسب جي ڪردار جي موضوع تي سيمينار کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو.