ڊيووس – 21 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪشمير معاملي تي هڪ دفعو ٻيهر ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڪشمير معاملي تي گهري نظر آ??ي، آمريڪا ڪشمير جي حوالي سان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پاڪستان ۽ آمريڪا جيترا اڄ ويجها آهن ان کان اڳ ?? ڪڏهن به ناهن رهيا. اهڙن خيالن جو اظهار آ??ريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وزيراعظم عمران خان سان عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي وفدن جي سطح تي ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي.