اسلام آ??اد – 26 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سماجي مسئلن جي حل ۽ قومسازي ۾ ميڊيا جي ڪردار تي زور ڏيندي پاڪستانين کي عظيم قوم بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي. هن آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي اهتمام هيٺ 24 هين سالياني ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اي پي اين ايس ڊگ??ي عرصي کان صحافين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، هن وقت پرنٽ ميڊيا انڊسٽري کي چئلينجز درپي?? آهن، حڪومت انهن مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪردار اد?? ڪري رهي آهي.